G Mustafa Jokhio

G Mustafa Jokhio

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from G Mustafa Jokhio, Health/Beauty, Karachi.

13/11/2025

ملير واسين جي يادگار جدوجهد جي يادگيري
تحرير: سامي ميمڻ

ڪراچي جو ملير ضلعو پنهنجي فطري حسن، آباد سربز زرعي زمينن، مهان ماڻهن ۽ امن پسند روايتن جي ڪري هميشه کان سڃاتو وڃي ٿو۔ ملير جا ماڻهو پنهنجي سادگي، خاموشي ۽ صبر سبب ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا ۔اهي نه شور مچائيندڙ آهن، نه ئي هر مسئلي تي فوري ردعمل ڏيندڙ، پر جڏهن به سندن زمين، سڃاڻپ، يا حقن تي ڪو هٿ وڌو وڃي ٿو، تڏهن اهي خاموش ماڻهو هڪ مضبوط ۽ تاريخي جدوجهد جي صورت ۾ اٿي بيهندا آهن۔ ملير جي تاريخ اهڙين ئي جدوجهدن سان ڀرپور آهي جيڪي نه صرف هن علائقي جي بقا جو سبب بڻيون، پر سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شعور ۾ به هڪ نئون روح ڦوڪيو ملير جا ماڻهو عام حالتن ۾ صبر ۽ برداشت سان رهندا آهن پر جڏهن سندن وجود تي وار ٿيندو آهي تڏهن اها خاموشي بغاوت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي۔ تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ڪو انتظامي، سياسي يا معاشي ظلم وڌيو تڏهن ملير جي ماڻهن پنهنجي ڌرتي سان وفاداري جو ثبوت ڏنو۔ بحريا ٽائون ۽ ايجوڪيشن سٽي جهڙن منصوبن جي خلاف مقامي ماڻهن جو احتجاج هجي يا انتظاميا پاران زمينن تي ناجائز والار، ملير جي ماڻهن هميشه مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو۔
ملير جي تاريخ ۾ 14 نومبر 1996 هڪ يادگار ڏينهن طور لکيل آهي اهو وقت هو جڏهن ڪراچي جي تعصبي ڪمشنر هڪ اشتهار "جنگ اخبار" ۾ ڇپائي اعلان ڪيو ته ملير جون ڪيترين ئي مالدار ۽ وسيلن سان ڀريل ديهون ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن اهوا علان نه
نه رڳو انتظامي ناانصافي هئي، پر ملير جي ماڻهن جي سڃاڻپ، خودمختياري ۽ تاريخي وجود تي سڌو حملو هو۔اهو فيصلو ٻڌندي ئي ملير جي ماڻهن ۾ بي چيني پکڙجي ويئي۔ هر ڳوٺ، هر برادري، هر پاڙي ۾ بحث شروع ٿي ويو۔ هن فيصلي کي صرف انتظامي تبديلي نه پر ڌرتيءَ جي حقن تي قبضو سمجهيو ويو۔ان حالتن ۾ ملير جي ماڻهن گڏجي هڪ پليٽ فارم تي اچڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي "ملير بچايو اتحاد" جو نالو ڏنو ويو ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين گڏجاڻي 3 نومبر تي حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جي گهر تي ٿي جنهن ۾رسول بخش بلوچ، حاجي علي بخش جوکيو،خدا ڏنو شاھ،شفيع محمد ڄاموٽ ۽ ٻيا ملير جا ڪيترائي بزرگ، نوجوان، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيا جڏهن ڄام بجار خان، رسول بخش بلوچ، حڪيم بلوچ، ۽ ٻين راڄن جي چڱن مڙس جي هن جدوجهد کي حمايت هاصل هئي۽ جدوجهد جا سهڪاري ٿيا ان گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو ته پوءِ هڪ وڏي عوامي ريلي ذريعي احتجاج ڪيو ويندواهڙي ٻي گڏجاڻي وري 5 نومبر ڄام بجار جي گهر تي گهرائي ويئي جنهن ۾ راڄن جي چڱن مڙسن سميت سردار اختر جان مينگل فون زريعي شرڪت ڪئي ان ملير جي راڄن کي هدايت ڪئي ويئي ته هو احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪن مسلسل رابطن ۽ گجاڻين جي نتيجي ۾ آخر 14نومبر جو ڏينهن به اچي پهتوجنهن جي صبح، تاريخ رقم ٿي جيڪي ماڻحو ان ريلي ۾ شريڪه هئا انهن کي اهو جوش جذبو ڪڏهن به نه وسرندو ان ڏينهن رزاق آباد کان چيف منسٽر هائوس تائين هڪ وڏي ريلي نڪتي جنهن ۾ هزارين ماڻهو شامل هئا۔ ٽرڪون، بسون، ڪارون، موٽرسائيڪلون ۽ ٻين سوارين جا قافلا ماڻهن سان ڀريل هئا ريلي جي اڳواڻي ۾ خدا ڏنو شاهه، مرحوم ڄام سلطان، مرحوم حاجي علي بخش جوکيو، مرحوم سرادر ملڪ لقمان ملڪاڻي مرحوم گل حسن ڪلمتي ۽ ٻين سياسي سماجي مقامي اڳواڻن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ريلي صبح جو ڏهه وڳي رزاق آباد کان شروع ٿي ۽ منجهند ٻه وڳي تائين ڪراچي پريس ڪلب پهتي ان ڏينهن سڄي ڪراچي ۾ ڄڻ ته زندگي بيهي رهي۔ احتجاج ڪندڙن جو تعداد هزارين ۾ هو، ۽ انهن جو نعرو هڪ ئي هو
ملير خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين
سي ايم هائوس کي ڪنڊيدار تارن سان بند ڪيو ويو، پر عوام جو جوش اهڙو هو جو حڪومت کي به سوچڻ تي مجبور ٿيڻو پيو نتيجي طور فيصلا واپس وٺڻا پيا هي تحريڪ ڪا اوچتي نه هئي، بلڪه مهينن جي محنت ۽ تنظيم جو نتيجو هئي۔ هر ڳوٺ ۾ ميٽنگون ٿيون، دعوتون ڏنيون ويون، نوجوانن کان بزرگن تائين سڀ متحد ٿيا۔ آخرڪار، جڏهن احتجاج جي لهر اڀري، ته حڪومت کي مجبور ٿي پنهنجا فيصلا واپس وٺڻا پيا۔ ڪمشنر ،سيڪريٽڙي لوڪل گورنمنٽ بورڊ 7 ٻين اعليٰ اختيارين کي تسليم ڪرڻو پيو ته ملير واسين جي بنا مشوري سندن زمينن ۽ ديهن کان ڌار نه ٿو ڪري سگهجي اهڙي طرح ملير واسين جي اها جدوجهد تاريخي حيثيت اختيار ڪري ويئي۔ اهو ڏينهن نه صرف ملير جي بقا جو ڏينهن هو پر سنڌ جي سياسي شعور جي به علامت بڻيو ان جدوجهد کي لڳ ڀڳ ڏھ سال گذري ويا آهن پر ڄڻ ته اها ڪلهوڪي ڳالھ آهي اڄ به ملير کي اهڙن ئي خطرن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو اهي آهي۔ زرعي زمينون، پاڻي جا ذريعا، ۽ تاريخي ماڳ مسلسل دٻاءَ هيٺ آهن۔ نون ترقياتي منصوبن جي نالي ۾ ٻيهر زمينون هٿ ڪرڻ جا عمل جاري آهن، جنهن سبب مقامي ماڻهن ۾ خدشا وڌي رهيا آهن۔ملير جا ماڻهو اڄ به پنهنجي زمينن ۽ سڃاڻپ لاءِ بيچينيءَ ۾ مبتلا آهن۔ وقت جو گهر آهي ته اسان 14 نومبر واري تاريخ مان سبق وٺون۔ اها جدوجهد اسان کي ٻڌائي ٿي ته منظم، پرامن ۽ باهمي اتحاد سان ئي ڌرتيءَ کي بچائي سگهجي ٿو جيئن ان ڏينهن هزارين ماڻهو هڪ آواز ٿي ميدان ۾ نڪتا هئا، ائين ئي اڄ به ضرورت آهي ته سياسي، سماجي ۽ عوامي قوتون گڏ ٿي پنهنجن وسيلن، ثقافت ۽ وجود جي حفاظت ڪن۔
14 نومبر 1996 واري جدوجهد اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿي ته ڌرتيءَ سان محبت صرف لفظن ۾ نه، پر عمل ۾ ظاهر ٿيندي آهي۔ ملير جا ماڻهو جن جو ماضي جدوجهدن سان ڀريل آهي، اڄ به پنهنجي سڃاڻپ جي بچاءَ لاءِ اٿي سگهن ٿا۔ملير کي صرف زمين جو ٽڪرو نه، پر هڪ تاريخ، ثقافت ۽ سڃاڻپ سمجهڻ گهرجي۔ ۽ جيڪڏهن اها سڃاڻپ خطري ۾ آهي، ته وري به ضرورت آهي ته 14 نومبر جهڙي اڻ وسرندڙ جدوجهد کي نئين روح سان زنده ڪيو وڃي جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگهجي ته جڏهن ڌرتيءَ تي ظلم ٿيدو تڏهن ملير واسي خاموش نه وهندا..

07/10/2024

ٿڌا ٿيو،ٿڌا ٿيو!
قرآن سنت ۽ سموري دين جو مطالعو ڪريو، سوچ وڏي ڪريو.نبي آخر زمانﷺ کي نه رنجايو.الله جي دين ۾ وطن جي محبت به شامل آ.

02/10/2024

# # #

02/10/2024

جوانی میں بیروزگاری موت کا دوسرا نام ہے
یا اللہ سب بیروزگار نوجوانوں کو حلال روزگار دے آمین یا رب العالمین

02/10/2024

عاجزی اختیار کریں اور یہ مت سمجھیں کہ آپ دوسروں سے بہتر ہیں،آپ خاک ہیں اور خاک ہی میں لوٹ جائیں گے

28/09/2024

ھر اسڪول ۾ پھريون پيرڊ قرآن شريف جو ھجڻ گھرجي ۽ قرآن شريف شاگردن کي ترجمي سان پڙھايو وڃي اگر توھان بي مطفق آھيو تـ پوسٽ کي شيعر ڪيو

27/09/2024

ڪيتري پیاری گواھي آهي
اَشْهَدُ اَنَّ مُحَمَّدَالرَّسُوْلُ اللّٰهْ
جيڪڏهن شرم محسوس نه ڪيو ته هي پوسٽ پوري دنیا تائين پهچائي ڇڏيو،

08/09/2024

جو ڈر جاتا ہے
وہ مر جاتا ہے
پوری Facebook سے آواز آنی چاہیے کوئی لب زبان خاموش نا رہے
تاجدار ختم نبوت 🌹👍💐

Photos from G Mustafa Jokhio's post 27/07/2024

لسوڑہ کا درخت ہمارے ضلع سے تقریبا معدوم ہو گیا ہے۔ اس کو بھی شجرکاری مہم کا حصہ بنایا جا سکتا ہے۔ گھنا و سایہ دار درخت ہے۔ اس کے پھل کا اچار بہت مزیدار ہوتا ہے۔
#ملیر
#

03/06/2024
Want your business to be the top-listed Beauty Salon in Karachi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Address


Karachi