V k MenGhwar
پرين! تنهنجي وڇوڙي جو، اڃا لٿو ناهي مھڪاءُ.
03/05/2026
🚩❤️🩹🚩
غزل
تصوير تنهنجي آڏو آ، هر ساھ پيو گهاريان،
تنهنجي ياد جي سهاري، پيو زندگي گذاريان.
ورهين جا وڇوڙا آهن، پر دل اڃا جوان آ،
هر پل تنهنجي ئي نانءِ تي، پيو پاڻ کي واريان.
اکين ۾ تنهنجو عڪس آ، هر خواب تنهنجي نالي،
هڪ تنهنجي ئي تمنا ۾، پيو راتيون سڀ جاڳيان.
تون ناهين ته ڇا ٿيو، تنهنجي تصوير ته آهي،
ان سان ئي ڳالهيون ڪري، پيو درد کي ٽاريان.
دنيا چوي ٿي چريو، پر مونکي خبر ناهي،
آءٌ تنهنجي محبت ۾، پيو پنهنجو پاڻ کي سنواريان.
وي ڪي مينگھواڙ۔۔۔۔
18/06/2025
جذبا سڀئي جوڀن جا مون قيد ڪيا آھن شاعري جي لفظن ۾ ،
دل جي حقيقت کي آلکيو مون اي دلبر ڊائري جي ورقن ۾ ،
منھنجا سڀئي سپنا ڄڻ وکريل آھن دل جي آڪاش تي ستارن جيئان ،
چوي مينگھواڙ“مان ڳوليان ٿو تن خوابن
جي تعبير کي الماري جي ڪتابن ۾ !
تخليق: وڪرم مينگھواڙ۔۔۔
Category
Website
Address
Karachi
Alerts
Be the first to know and let us send you an email when V k MenGhwar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.
